موت واري سزا تان پابندي ختم ڪرڻ بعد فيصلي تي عمل ڪيو ويندو منظور وساڻ

جيلن واري صوبائي وزير منظور وساڻ چيو آهي ته وزير اعظم پاران دهشتگردي جي ڪيسن ۾ موت واري سزا تان پابندي ختم ڪرڻ بعد فيصلي تي عمل درآمد ڪيو ويندو، سنڌ جي جيلن ۾ 457 قيدن کي موت جي سزا مليل آهن.

سکر سيٽرل جيل جي دوري دوراني ڪي ٽي اين نيوز سان خصوصي ڳالهه ٻولهه ڪندي صوبائي وزير چيو ته ڪراچي،  حيدرآباد ۽ سکر جيلن جي سيورٽي سخت ڪرڻ لاءِ بم پروف ديواريون تعمير ڪيون پيو نوڃن، سنڌ جي جيلن ۾پابندي مڙهيل تنظيمن سان واسطو رکندڙ خطرناڪ قيدي آهن.

صوبئاي وزير دعويٰ ڪئي ته پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري ۽ آصف زراداري ۾ ڪي به اختلاف ناهن، سندن وچ ۾ اختلافن واريون ڳالهين ۾ ڪابه صداقت ناهي.

 صوبائي وزير منظور وساڻ چيو ته  پشاور سانحي کان پوءِ سڄي قوم ۽ سياسي ڌريون هڪ ٿي ويو آهين، دهشتگدري جو گڏجي مقابلو ڪرڻو پوندو.

هن چيو پنهنجي جيلن ۾ گهاريل ڏينهن جي تجربي بابت چيو ته  3 ڀيرا جيلن جو وزير ۽ 9 ڀيرا انهن ئي جيلن ۾ قيدي طور رهيو آهي، منهنجي والد جي وفات تي به جيل ۾ هئس، جنهن تي ڏاڍو ڏک پهتو هو .

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*