حيدرآباد سول اسپتال ۾ پيرا ميڊيڪل اسٽاف جي ڌرڻي دوران قانون لاڳو ڪندڙ ادارن ڪارروائي ،مرڪزي جنرل سيڪريٽري سميت 15 ڄڻن کي گرفتار

hyderabad-protest

حيدرآباد سول اسپتال ۾ مطالبن جي مڃتا لاءِ پيرا ميڊيڪل اسٽاف جي ڌرڻي دوران قانون لاڳو ڪندڙ ادارن ڪارروائي ڪري مرڪزي جنرل سيڪريٽري شريف پالاري سميت 15 ڄڻن کي گرفتار ڪري ورتو.

پاڪستان پيرا ميڊيڪل اسٽاف ايم ايس ڊاڪٽر واجد ميمڻ کي هٽائڻ ۽ ٻين مطالبن جي مڃتا لاءِ سول اسپتال ۾ احتجاجي مظاهرو ڪري ڌرڻو هنيو.

قانون لاڳو ڪندڙ ادارن جي اهلڪارن ڪارروائي ڪري مرڪزي جنرل سيڪريٽري شريف پالاري، مجيد جتوئي، نذير حاجاڻو، روي، اشرف ۽ نارو سميت 15 ڄڻن کي گرفتار ڪري ورتو.

پاڪستان پيرا ميڊيڪل اسٽاف گذريل ڪيترن ئي ڏينهن کان سول اسپتال ۾ مبينا ڪرپشن تي ايم ايس ڊاڪٽر واجد ميمڻ خلاف سراپا احتجاج بڻيل آهي.

احتجاج ڪندڙن جو مطالبو آهي ته ايم ايس ڊاڪٽر واجد ميمڻ کي هٽائي 2004ع واري نوٽيفڪيشن تحت ملازمن جي ڪٽنب کي طبي سهولتون فراهم ڪيون وڃن.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*