آرمي چيف جنرل راحيل شريف ۽ ڊي جي آءِ ايس آءِ جنرل رضوان اختر هنگامي دوري تي افغانستان پهچي ويا

آرمي چيف جنرل راحيل شريف ۽ ڊي جي آءِ ايس آءِ ليفٽيننٽ جنرل رضوان اختر هنگامي دوري تي افغانستان پهچي ويا آهن.

ٻئي جنرل افغانستان ۾ عسڪري قيادتن ۽ سياسي اڳواڻن سان ملاقاتون ڪندا، جڏهن ته آرمي چيف جي افغانستان جي صدر اشرف غني سان ملاقات به رٿيل آهي.

ذريعن موجب عسڪري قيادت افغان اختيارين سان دهشتگردي خلاف ويڙهه کي وڌيڪ منظم ڪرڻ جي حوالي سان ڳالهيون ڪندي.

وزير اعظم ميان نواز شريف پشاور واري اي پي سي کي ٻڌايو ته آرمي چيف صدر اشرف غني سان ملاقات ڪري دهشتگردي خلاف ويڙهه واري ميڪنزم کي حتمي شڪل ڏيڻ سميت گڏيل دلچسپي جي ٻين معاملن تي ساڻس ڳالهيون ڪندو.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*