محرابپور ٽائون ڪميٽي جي صفائي ڪندڙ ملازمن پاران گذريل ٻن مهينن کان پگهارون نه ملڻ خلاف ڇهين ڏينهن به علامتي بک هڙتال

mehrab-pur-protest

محرابپور ٽائون ڪميٽي جي صفائي ڪندڙ ملازمن پاران گذريل ٻن مهينن کان پگهارون نه ملڻ خلاف ڇهين ڏينهن به علامتي بک هڙتال ڪري آفيسن جي تالابندي ڪئي وئي.

محرابپور ۾ ٽي ايم اي ملازمن جو پگهارون نه ملڻ خلاف احتجاج جاري آهي، اڄ به ملازمن پاران ٻارنهن تي ڪاريون پٽيون ٻڌي احتجاجي مظاهرو ڪري آفيسن جي تالابندي ڪئي وئي.

صفائي ملازمن جي هڙتال سبب شهر جون مک بازارون ۽ رستا گندگي جو ڍير بڻجي ويا آهن، جڏهن ته گندي پاڻي جا نالا ۽ گٽر اٿلڻ ڪري ڪوٽڙي روڊ، ٺري ميرواهه، هالاڻي روڊ، سيال آباد ۽ ٻين هنڌن تي گندو پاڻي بيهڻ سبب دڪاندار ۽ علائقي واسي سخت پريشان آهن.

احتجاج ڪندڙ ملازمن جو چوڻ آهي ته ٽائون ڪميٽي ۾ مقرر ٽي ايم او ۽ ايڊمنسٽريٽر جي نه اچڻ ڪري گذريل ٻن مهينن کان کين پگهارون ناهن مليون، جيستائين سندن مطالبا منظور نه ٿيندا، احتجاج جاري رکيو ويندو…….

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*