دهشتگردن جي علاج واري ڪيس ۾ جاچ آفيسر ڊي ايس پي الطاف حسين علاج ڪرائيندڙ 27 مان 9 دهشتگردن جا بِلز گم ڪري ڇڏيا

atc11-9

ڪراچي جي دهشتگردي ٽوڙ عدالت ڊاڪٽر عاصم خلاف دهشتگردن جو علاج ڪرائڻ واري ڪيس ۾ جوابدارن کي پوليس رپورٽ جون ڪاپيون فراهم ڪندي ٻڌڻي 5 مارچ تائين ملتوي ڪري ڇڏي، جڏهن ته انيس قائمخاني، قادر پٽيل ۽ سليم شهزاد جا ٻيهر گرفتاري وارنٽ جاري ڪيا ويا آهن، رينجرز جي وڪيل چيو آهي ته ڪيس جي جاچ آفيسر الطاف حسين ضياءُ الدين اسپتال مان علاج ڪرائيندڙ 27 مان ايم ڪيو ايم جي 9 جوابدارن جا بلز غائب ڪري ڇڏيا آهن.

دهشتگردي ٽوڙ عدالت ڊاڪٽر عاصم حسين خلاف دهشتگردن جو علاج ڪرائڻ واري ڪيس جي ٻڌڻي ڪئي، جنهن دوران رئوف صديقي، وسيم اختر ۽ عثمان معظم کي پڻ عدالت ۾ پيش ڪيو ويو.

ٻڌڻيءَ دوران ڪيس جي جاچ آفيسر ۽ ڊي ايس پي الطاف حسين ۽ رينجرز جي وڪيل وچ ۾ سخت ٽڪراءُ نظر آيو.

رينجرز جي وڪيل، ڪيس جي جاچ آفيسر ۽ ڊي ايس پي الطاف حسين خلاف عدالت ۾ درخواست پيش ڪندي چيو ته جاچ آفيسر ڪيس پراپرٽي جي سيل رينجرز جي سامهون نه کولي هئي.

رينجرز جي وڪيل وڌيڪ موقف اختيار ڪيو ته اڳوڻي جاچ آفيسر ضياءُ الدين اسپتال ۾ دهشتگردن جي علاج بابت 27 بل جمع ڪرايا هئا پر موجوده جاچ آفيسر الطاف حسين 9 بل غائب ڪري ڇڏيا آهن.

ڊي ايس پي الطاف حسين چيو ته رينجرز پنهنجي مرضي جي جاچ ڪرائڻ چاهي ٿي پر هــُو قانون موجب جاچ ڪري رهيو آهي، جنهن سبب مٿس الزام لڳايا پيا وڃن.

اسپيشل پبلڪ پراسڪيوٽر اياز تنيو عدالت ۾ پيش ٿي ڪيس ۾ مفرور جوابدارن انيس قائمخاني، سليم شهزاد ۽ قادر پٽيل بابت ڪئي.

اسپيشل پبلڪ پراسڪيوٽر پنهنجي رپورٽ ۾ چيو ته سليم شهزاد جي ڳولا ڪئي وئي پر سندس ڪٿي به موجودگي بابت پتو نه پيو آهي،جنهن تي عدالت چيو ته سليم شهزاد جي ڀاءُ سان رابطو ڪري جاچ ۾ مدد ورتي وڃي.

ٻڌڻي دوران عثمان معظم جو ڪيس بي ڪلاس ڪرڻ واري درخواست جي رينجرز جي وڪيل مخالفت ڪئي، جنهن تي عثمان معظم جي وڪيل چيو ته اوهان صرف هر شيءِ جي مخالفت تي لهي اچو ٿو.

عدالت رينجرز جي وڪيل کان پڇاڻو ڪيو ته پوءِ ڪنهن کي بي ڪلاس ڏنو وڃي، جنهن تي رينجرز جي وڪيل چيو ته قانون موجب ڪنهن به دهشتگرد کي بي ڪلاس نٿو ڏئي سگهجي.

عدالت عثمان معظم جي بي ڪلاس واري درخواست تي فيصلو محفوظ ڪندي ڪيس جي مفرور جوابدارن قادر پٽيل، انيس قائمخاني ۽ سليم شهزاد جا ضمانت نه ٿيڻ جوڳا گرفتاري وارنٽ جاري ڪري ڇڏيا.

عدالت جوابدارن جي وڪيلن کي پوليس رپورٽ جون ڪاپيون به فراهم ڪري ڇڏيون، جنهن ڪري ايندڙ ٻڌڻيءَ تي جوابدارن مٿان فرد جرم لاڳو ٿيڻ جو امڪان آهي.

عدالت ۾ پيشي دوران ڊاڪٽر عاصم حسين صحافين سان غير رسمي ڳالهه ٻولهه ڪندي چيو ته ڪجهه ماضي ذاتيات تي لهي آيا آهن، کيس سياسي انتقام جو نشانو بڻايو پيو وڃي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*