بجلي جي پيداوار ۾ اضافي سان لوڊشيڊنگ ۾ گهٽتائي ايندي ۽ ملڪ ۾ معاشي ترقي به ايندي:وزيراعظم

pm ajlasوزيراعظم نواز شريف سمورا توانائي منصوبا وقت سر مڪمل ڪرڻ جي هدايت ڪندي چيو آهي ته بجلي جي پيداوار ۾ اضافي سان لوڊشيڊنگ ۾ گهٽتائي ايندي ۽  ملڪ ۾  معاشي ترقي به ايندي.

اسلام آباد ۾ وزيراعظم نواز شريف جي صدارت هيٺ وفاقي ڪابينا جي توانائي ڪميٽي جو اجلاس ٿيو، جنهن ۾ پاڻي ۽ بجلي واري وفاقي سيڪريٽري پاران توانائي منصوبن تي بريفنگ ڏني وئي.

پاڻي ۽ بجلي واري وفاقي سيڪريٽري چيو ته 2015 بجلي جي پيداوار جي حوالي سان بهتر رهيو، موثر مانيٽرنگ ۽ حڪمت عملي سبب لائين لاسز ۾ به 5 ڏهائي 8 سيڪڙو گهٽتائي آئي.

وفاقي سيڪريٽري چيو ته 12 سئو پيداوار جي نون منصوبن تي ڪم شروع ڪيو ويو آهي، بجلي جا سمورا منصوبا 2017 تائين مڪمل ڪيا ويندا.

ان موقعي تي وزيراعظم نواز شريف، پاڻي ۽ بجلي واري وزارت کي هدايت ڪئي ته توانائي جا منصوبا وقت سر مڪمل ڪيا وڃن، هـُو سمورن منصوبن جي پاڻ نگراني ڪري رهيو آهي.

وزيراعظم چيو ته بجلي جي پيداوار سان نه صرف لوڊشيڊنگ ۾ گهٽتائي ايندي پر بنيادي ڍانچي جي تعمير لاءِ به معاون ثابت ٿيندي………………

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*