ڪراچي جي ابراهيم حيدري واري علائقي ۾ جوابدار پنهنجي گهر واري تي تيزاب هاري ڇڏيو

karachi-woman-tizab

ڪراچي جي زمان ٽائون واري علائقي ۾  پئسا گهرڻ تي جوابدار پنهنجي گهر واري جي  چهري تي تيزاب هاري ڇڏيو، جنهن کي ڳڻتي جوڳي حالت ۾ سول اسپتال جي برنس وارڊ منتقل ڪيو ويو آهي.

 پوليس موجب جوابدار خرچ جا پئسا گهرڻ تان  پنهنجي زال  ريما مٿان تيزاب هاري فرار ٿي ويو آهي .

سول اسپتال جي ڊاڪٽرن موجب مڙس پاران تيزاب هاري ساڙيل عورت جو چهرو 40 سيڪڙو متاثر ٿيو آهي.

پوليس جو چوڻ آهي ته زال تي تيزاب هاريندڙ جوابدار بيروگار آهي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*