بلوچستان هاءِ ڪورٽ، نواب اڪبر بگٽي قتل ڪيس ۾ بريت خلاف درخواست تي پرويز مشرف، آفتاب شير پائو ۽ شعيب نوشيرواني کي نوٽيس جاري

Akber-case-18-1

بلوچستان هاءِ ڪورٽ، نواب اڪبر بگٽي قتل ڪيس ۾ بريت خلاف درخواست تي پرويز مشرف، آفتاب شير پائو ۽ شعيب نوشيرواني کي نوٽيس جاري ڪري ڇڏيا آهن.

جسٽس شڪيل بلوچ تي ٻڌل بلوچستان هاءِ ڪورٽ جي سنگل بئنچ نوابزاده جميل اڪبر بگٽي جي درخواست تي ٻڌڻي ڪئي.

درخواستگذار موقف اختيار ڪيو ته نواب اڪبر قتل ڪيس جي جاچ هڪ طرفي ٿي آهي، جڏهن ته دهشتگردي ٽوڙ عدالت فيصلو به جلد بازي ۾ ٻڌايو.

عدالت جوابدارن جي بريت خلاف جميل بگٽي جي درخواست ٻڌڻي لاءِ منظور پرويز مشرف، آفتاب شير پائو ۽ شعيب نوشيرواني کي نوٽيس جاري ڪيا.

بلوچستان هاءِ ڪورٽ ايندڙ ٻڌڻي تي ٽرائل ڪورٽ کان ڪيس جو سمورو سامان طلب ڪندي ٻڌڻي اڻڄاڻايل مدي تائين ملتوي ڪري ڇڏي……………….

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*