ڊيرا غازيخان ۾ ڳجهن ادارن جي ڪارروائي ۾ دهشتگرد آصف عرف ڇوٽو گرفتار، جوابدار مٿان هڪ ڪروڙ رپيا انعام رکيل هو

asif-chtu

ڊيرا غازي خان ۾ ڳجهن ادارن ڪارروائي ڪري ڪراچي سميت سڄي ملڪ ۾ دهشتگردي جي وڏي وارداتن ۾ گهربل دهشتگرد آصف عرف ڇوٽو کي گرفتار ڪري ورتو آهي، پوليس جو چوڻ آهي ته جوابدار جي گرفتاري تي هڪ ڪروڙ رپيا انعام رکيل هو ۽ ملڪ اسحاق جي مارجڻ بعد کيس بندش پيل تنظيم جو امير مقرر ڪيو ويو هو

ذريعن موجب ڳجهن ادارن ڊيرا غازي خان ۾ ڪارروائي ڪري بدنام ڏوهاري رضوان عرف ناصر عرف آصف ڇوٽو کي گرفتار ڪري جاچ لاءِ اڻڄاتل هنڌ منتقل ڪري ڇڏيو آهي.

دهشتگرد آصف عرف ڇوٽو جو واسطو پنجاب جي شهر مظفر ڳڙهه سان آهي، جنهن جي زنده يا مرده گرفتاري تي هڪ ڪروڙ رپيا انعام رکيل هو.

گرفتار دهشتگرد ڪراچي سميت سڄي ملڪ ۾ ڪيترن ئي دهشتگردي جي وارداتن ۾ گهربل هو.

پوليس موجب آصف ڇوٽو 1998 ۾ ڪراچي جي ڪلفٽن برج تي ڪم ڪندڙ 2 ايراني انجنيئرن مرتضيٰ ۽ فورمين انجنيئر علي محمد کي پنهنجي چار ساٿين سان گڏجي ٽارگيٽ ڪلنگ جو نشانو بڻايو هو، جڏهن ته جوابدار جمشيد ڪوارٽر جي علائقي ۾ اڳوڻي جنرل موسيٰ جي پٽ ۽ ان وقت جي پي آءِ اي چيئرمين کي به فائرنگ ڪري قتل ڪيو هو.

آصف ڇوٽو خلاف ڪراچي ۾ ڪيترائي ڪيس داخل هئا پر جوابدار ڪنهن به هڪ ڪيس ۾ گرفتار نه ٿيو هو.

پوليس جو چوڻ آهي ته آصف ڇوٽو 90 واري ڏهاڪي ۾ بندش پيل تنظيم سپاهه صحابه ۾ شموليت اختيار ڪئي هئي ۽  ملڪ اسحاق جي مارجڻ بعد آصف ڇوٽو کي لشڪر جهنگوي جو امير مقرر ڪيو ويو هو……………

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*