ڪراچي جي لياري، قصبه ڪالوني ۽ سائيٽ ايريا وارن علائقن ۾ قانون لاڳو ڪندڙ ادارن ۽ پوليس جون گڏيل ڪارروائيون

karachi-rangersarachi

ڪراچي جي لياري، قصبه ڪالوني ۽ سائيٽ ايريا وارن علائقن ۾ قانون لاڳو ڪندڙ ادارن ۽ پوليس سرچ آپريشن ڪري اسٽريٽ ڪرائم ۾ ملوث ٻن جوابدارن سميت 8 کان وڌيڪ شڪي ماڻهن کي حراست ۾ وٺي ڇڏيو آهي، ذريعن جو چوڻ آهي ته لياري ۾ سرچ آپريشن لياري گينگ وار جي مک جوابدار سعيد پٺاڻ جي گرفتاري لاءِ ڪيو ويو.

ذريعن موجب اورنگي ٽائون جي قصبا ڪالوني ۾ قانون لاڳو ڪندڙ اهلڪارن ايندڙ ويندڙ رستا سيل ڪري گهر گهر تلاشي ورتي، جنهن کانپوءِ چئن شڪي ماڻهن کي حراست ۾ ورتو ويو.

پوليس موجب سائيٽ ايريا ۾ ڪارروائي دوران اسٽريٽ ڪرائم ۾ ملوث ٻن جوابدارن کي گرفتار ڪيو ويو، جوابدارن کي ٿاڻي منتقل ڪري پڇاڳاڇا شروع ڪئي وئي آهي.

ذريعن موجب قانون لاڳو ڪندڙ اداري ۽ پوليس لياري واري علائقي ۾ به گڏيل طور سرچ آپريشن ڪيو.

ذريعن جو چوڻ آهي ته لياري ۾ سرچ آپريشن گينگ وار جي جوابدار سعيد پٺاڻ جي گرفتاري لاءِ ڪيو ويو، جوابدار سعيد پٺاڻ ڪلري ۾ ڪريڪر حملي ۾ ملوث آهي، جنهن جي نتيجي ۾ 2 ڄڻا زخمي ٿي پيا هئا…

 

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*