افغان حڪومت ۽ افغان طالبان وچ ۾ ڳالهين جي حوالي سان جـُڙيل 4 ملڪي رابطه گروپ جو اجلاس اڄ ڪابل ۾ ٿي رهيو آهي

PakiAfghanistanFlag13-8

افغان حڪومت ۽ افغان طالبان وچ ۾ ڳالهين جي حوالي سان جـُڙيل 4 ملڪي رابطه گروپ جو اجلاس اڄ ڪابل ۾ ٿي رهيو آهي،  جنهن ۾ ڳالهين جي بحالي، اعتماد وڌائڻ وارن قدمن ۽ پاڪستان جي ڪردار سميت مختلف معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي ويندي.

 چين، پاڪستان، افغانستان ۽ امريڪا تي ٻڌل 4 ملڪي رابطه گروپ جو چوٿون اجلاس ڪابل ۾ ٿيندو، جنهن ۾ پاڪستان جي نمائندگي پرڏيهي سيڪريٽري اعزاز چوڌري ۽  افغانستان پاران پرڏيهي وزير حڪمت ڪرزئي شريڪ ٿيندا.

ڳالهين ۾ امريڪا جي نمائندگي پاڪستان ۽ افغانستان لاءِ خصوصي نمائندو رچرڊ اولسن ۽ چيني پاران خصوصي ايلچي ڊين زي يون ڪندا.

اجلاس ۾ افغان امن جي حوالي سان افغان حڪومت ۽ افغان طالبان وچ ۾ ايندڙ ڳالهين جي بحالي، افغان عمل ۽ استحڪام سميت پاڪستان جي ڪردار توڙي اعتماد جي بحالي وارن قدمن تي غور ڪيو ويندو.

ان کان اڳ چار ملڪي گروپ جو ٽيون اجلاس 6 فيبروري تي اسلام آباد ۾ ٿيو هو، جنهن ۾ افغان حڪومت ۽ طالبان وچ ۾ نتيجو ڏيندڙ ڳالهين جي روڊ ميپ جي تياري تي اتفاق ڪيو ويو هو……………….

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*