ملتان ۾ زمين جي تڪرار تان نوجوان کي گوليون هڻي قتل ڪرڻ بعد ڪهاڙين جا وار ڪري سندس ڄنگهه ڪٽيندڙ ٻن جوابدارن کي پوليس گرفتار ڪري ورت

multan-dead-body

ملتان ۾ زمين جي تڪرار تان نوجوان کي گوليون هڻي قتل ڪرڻ بعد ڪهاڙين جا وار ڪري سندس ڄنگهه ڪٽيندڙ ٻن جوابدارن کي پوليس گرفتار ڪري ميڊيا آڏو پيش ڪري ڇڏيو آهي، جڏهن ته ٻنهي جوابدارن ڏوهه جو اعتراف پڻ ڪيو آهي.

ملتان جي بـُـڌلا سنت جي رهواسي عابد پنهنجي گهر مان چوري جو ڪيس علائقي جي ٽن ڄڻن محمد عمر دراز، اشرف ۽ عرفان خلاف داخل ڪرايو هو، جنهن بعد جوابدارن کيس گوليون هڻڻ بعد سندس ڄنگهه ڪٽي ڇڏي هئي.

 نوجوان کي زخمي حالت ۾ نشتر اسپتال منتقل ڪيو ويو هو، جتي هو زخمن جا سور نه سهندي فوت ٿي ويو هو.

پنجاب جي وڏي وزير شهباز شريف جي نوٽيس وٺڻ بعد پوليس حرڪت ۾ اچي وئي آهي ۽  واقعي ۾ ملوث ٻنهي جوابدارن کي گرفتار ڪري ورتو آهي.

ڊي پي او ملتان جو چوڻ آهي ته ٻنهي جوابدارن ڏوهه جو اعتراف ڪري ورتو آهي، جوابدارن کان وڌيڪ جاچ ڪئي پئي وڃي………….

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*