ڪراچي جي ابراهيم حيدري واري علائقي ۾ پراسرار فائرنگ ۾ عورت مارجي وئي

edhi

ڪراچي جي ابراهيم حيدري واري علائقي ۾ پراسرار  فائرنگ ۾ عورت مارجي وئي، مقتول عورت  جي مڙس  جو چوڻ آهي ته سندس  زال گهرو اڻبڻت تان آپگهات ڪيو آهي، جڏهن ته شاهه لطيف ٽائون ٿاڻي جي حد ۾ جهنگ مان نوجوان جو لاش هٿ آيو آهي.

ابراهيم حيدري جي جمعا ڳوٺ ۾  جي پراسرار  فائرنگ ۾ 4 ٻارن جي ماءَ ممتاز زال عباس مارجي وئي، جنهن جو لاش  پوسٽ مارٽم لاءِ جناح اسپتال منتقل ڪيو ويو آهي.

ابراهيم حيدري پوليس ۽ ناري جي مڙس جو چوڻ آهي ته مسمات ممتاز گهرو اڻبڻت تان لائسنس واري پسٽل سان آپگهات ڪيو آهي.

شاهه لطيف ٽائون ٿاڻي جي حد ۾  ايم ڊي اي فليٽ ڀرسان جهنگ مان 35 ورهين جي نوجوان لاش هٿ آيو، جنهن جي سڃاڻپ نه ٿي سگهي  آهي.

جهنگ مان هٿ آيل نوجوان جو لاش اسپتال منتقل ڪيو ويو آهي، جڏهن ته پوليس جو چوڻ آهي ته نوجوان جي قتل واري معاملي جي جاچ شروع ڪئي وئي آهي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*