پنجاب جي ساهيوال سينٽرل جيل ۾ موت جي سزا ٻڌايل ٻن قيدين کي ڦاهي چاڙهيو ويو

hang-08

پنجاب جي ساهيوال سينٽرل جيل ۾ موت جي سزا ٻڌايل ٻن قيدين کي ڦاهي چاڙهيو ويو، جيل ذريعن موجب جوابدار رمضان کي ٽن ڄڻن ۽ فيض کي هڪ شخص کي قتل ڪرڻ جي ڏوهه ۾ ڦاهي جي سزا ٻڌايل هئي.

ساهيوال جي سينٽرل جيل ۾ قيد ٻن قيدين رمضان ۽ فيض کي صبح سوير ڦاهي ڏني وئي.

جوابدار فيض کي 1992 ۾ هڪ شخص کي قتل ڪرڻ جي ڏوهه ۾ ڦاهي جي سزا ٻڌائي وئي هئي، جڏهن ته جوابدار رمضان کي ٽن ڄڻن جي قتل ۾ سوليءَ تي ٽنگيو ويو.

جوابدارن کي ڦاهي ڏيڻ وقت جيل ٻاهران سڪيورٽي جا انتظام انتهائي  سخت ڪيا ويا هئا، پوليس قانوني ڪارروائي بعد ٻنهي قيدين جا لاش وارثن حوالي ڪري ڇڏيا……………………

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*