پاڪستان جي پهرين سپر ليگ ڪرڪيٽ ٽورنامنٽ جي فائنل اڄ ڪوئٽه گليڊي ايٽرز ۽ اسلام آباد يونائيٽڊ جي ٽيمن وچ ۾ کيڏي ويندي

PSL

پاڪستان جي پهرين سپر ليگ ڪرڪيٽ ٽورنامنٽ جي فائنل اڄ ڪوئٽه گليڊي ايٽرز ۽ اسلام آباد يونائيٽڊ جي ٽيمن وچ ۾ کيڏي ويندي، ميگا ايونٽ جي فائنل ۾ ٻنهي ٽيمن کي فيوريٽ قرار ڏنو ويو آهي.

گڏيل عرب امارات جي شهر دبئي ۾ رٿيل ميگا ايونٽ جي فائنل ۾ اسلام آباد يونائيٽڊ ۽ ڪوئٽه گليڊي ايٽرز جي ٽيمون هڪ ٻئي سامهون ٿي رهيون آهي.

پاڪستان سپر ليگ ۾ مجموعي طور تي پنج فرينچائيز جي ٽيمن شرڪت ڪئي، جنهن ۾ ڪراچي ڪنگز، پشاور زلمي، لاهور قلندرز، اسلام آباد يونائيٽڊ ۽ڪوئٽه گليڊي ايٽرز شامل آهن.

ايونٽ جي پهرين ميچ 4 فيبروري تي اسلام آباد يونائيٽڊ ۽ ڪوئٽه گليڊي ايٽرز جي ٽيمن وچ ۾ کيڏي وئي، جنهن ۾ ڪاميابي ڪوئٽه گليڊي ايٽرز جي ٽيم کي نصيب ٿي.

اڄ ٻئي ٽيمن ايونٽ جي پڄاڻي تي به فائنل ۾ هڪ ٻئي سامهون ٿي رهيو آهن.

اسلام آباد يونائيٽڊ جي قيادت ٽيسٽ ڪپتان مصباح الحق ڪري رهيو آهي، جڏهن ته ڪوئٽه گليڊي ايٽرز جي ڪپتاني وڪيٽ ڪيپر بيٽسمين سرفراز احمد ڪري رهيو آهي.

اسلام آباد يونائيٽڊ جي ٽيم ۾ مصباح الحق، محمد عرفان، شرجيل خان، محمد سميع، سموئيل بادري، براد هيڊن، آندري ريسل ۽شين واٽسن شامل آهن.

ڪوئٽه گليڊي ايٽرز جي ٽيم۾ احمد شهزاد، سرفراز احمد، گرانٽ ايليٽ، نيٿن ميڪيولم، انور علي، اسد شفيق، بلال آصف، بسمه الله خان، محمد نبي، محمد نواز، ايلٽن چگمبورا، ڪمار سنگاڪارا، اعزاز چيمه ڪيون پيٽرسن ليوڪ رائيٽ، جيسن گولڊر ۽ عمر گل شامل آهن.

اسلام آباد يونائيٽڊ جي ٽيم جي ڪوچنگ اسٽاف ۾ وسيم اڪرم سان گڏ ڊين جونز جهڙا نالا آهن،جڏهن ته ڪوئٽه گليڊي ايٽرز پاران سر ويوين رچرڊز ۽ معين خان ڪوچنگ جا فرض نڀائي رهيا آهن.

——————-

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*