واهي پانڌي ۾ صحافي مين پرائمري اسڪول مان چوري الزام هيٺ بي دخل ڪيل پنهنجي ٻن نياڻين سميت 8 ٻارڙا ساڻ ڪري احتجاج ڪيو

wahipandhi-protest

واهي پانڌي ۾ صحافي مين پرائمري اسڪول مان چوري الزام هيٺ بي دخل ڪيل پنهنجي ٻن نياڻين سميت 8 ٻارڙا ساڻ ڪري احتجاج ڪيو.

صحافي غلام نبي لغاري، پنهنجي امڙ الهبچائي ۽ اسڪولي ٻارڙن سميت پريس ڪلب اڳيان احتجاج ڪيو.

ميڊيا آڏو دانهيندي هن چيو ته مين پرائمري اسڪول جي ماستر سومر رستماڻي بنا جواز ٻارڙن تي چوري جو الزام هڻي کين اسڪول مان ڪڍي ڇڏيو آهي، جيڪا وڏي ناانصافي آهي.

هن تعليم واري وزير ۽ سيڪريٽري تعليم کان مطالبو ڪيو ته ماستر خلاف جاچ ڪرائي سندن ٻارڙين جو مستقبل بچايو وڃي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*