سنڌ هاءِ ڪورٽ پرڏيهي مان درآمد ٿيندڙ زندگي بچائڻ وارين دوائن جي معائني خلاف درخواست تي فيصلو محفوظ ڪري ورتو

Sindh High Cooort

سنڌ هاءِ ڪورٽ پرڏيهي مان درآمد ٿيندڙ زندگي بچائڻ وارين دوائن جي معائني خلاف درخواست تي فيصلو محفوظ ڪري ورتو، چيف جسٽس سجاد علي شاهه ڳڻتي ظاهر ڪندي چيو آهي ته ڏک سان چوڻو پوي ٿو ته زندگي بچائڻ واريون سموريون دوائون پرڏيهه مان گهرايون وڃن ٿيون.

چيف جسٽس، جسٽس سجاد علي شاهه تي ٻڌل ڊويزن بئنچ پاڪستان ڪَيمِسٽ ڊرگِسٽ طرفان پرڏيهه مان درآمد ٿيندڙ دوائن جي معائني خلاف درخواست تي ٻڌڻي ڪئي.

درخواست ۾ موقف اختيار ڪيو ويو آهي ته زندگي بچائڻ واريون اڪثر دوائون ٻاهرين ملڪ مان گهرايون وينديون آهن، جنهن قانون تحت دوائن جو معائنو نٿو ڪري سگهجي.

درخواست ۾ استدعا ڪئي وئي ته پاڪستان ڊرگ ريگيوليٽري اٿارٽي کي درآمد ٿيندڙ دوائن جي معائني کان روڪيو وڃي.

چيف جسٽس، سنڌ هاءِ ڪورٽ جسٽس سجاد علي شاهه ڳڻتي جو اظهار ڪندي چيو ته ڏک سان چوڻو پوي ٿو ته زندگي بچائڻ واريون سموريون دوائون پرڏيهه مان گهرايون وڃن ٿيون.

چيف جسٽس، پڇاڻو ڪيو ته پرڏيهه مان گهرائجندڙ دوائن کي چيڪ ڪرڻ جو ڪهڙو قانون آهي، جنهن تي ڊرگ ريگيوليٽري اٿارٽي طرفان موقف اختيار ڪيو ويو ته پرڏيهي پاليسي تحت درآمد ٿيندڙ دوائن ۽ غير ملڪِي ڪمپنيز جو معائنو ڪيو وڃي ٿو.

درخواستگذار جي وڪيل چيو ته مقامي دواساز ڪمپنيون 10 رپين واري گوري جي پيڪنگ تبديل ڪري 110 رپين ۾ وڪرو ڪري رهيون آهن.

عدالت ڌرين جا دليل مڪمل ٿيڻ کانپوءِ فيصلو محفوظ ڪري ڇڏيو.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*