سنڌ سرڪار ۽ پ پ کي نيب ۽ ايف آءِ اَي کان ڪوبه خوف نه آهي، حڪمران پاڻ ڊڄن ٿا:مولابخش

mola-bux-chandio

سڌ سماءُ واري صوبائي صلاحڪار مولابخش چانڊئَي چيو آهي ته سنڌ سرڪار ۽ پ پ کي نيب ۽ ايف آءِ اَي کان ڪوبه خوف نه آهي، حڪمران پاڻ ڊڄن ٿا، نيب تعصب ۽ جمهوريت دشمني تي ڪم ڪري رهيو هو ته مقدس ڪوٺيو ويو پر هاڻي پنجاب جو رخ ڪيو ته آهي ته اداري جو تقدس ڪيڏانهن ويو.

حيدرآباد سول اسپتال ۾ پيپلز پيرا ميڊيڪل اسٽاف جي تقريب کي خطاب ۽ ميڊيا سان ڳالهائيندي مولابخش چانڊئَي چيو ته ڏسڻو آهي ته آدمشماري لاءِ وفاقي ڪهڙيون حالتون پيدا ڪري ٿو.

هن چيو ته سڄي سنڌ آدمشماري ملتوي نه ٿيڻ تي متفق آهي، هـُو آدمشماري کي زندگي ۽ موت جو مسئلو سمجهون ٿا، وفاق ۾ شامل سمورين ايڪائين جو خيال رکيو وڃي.

سندس چوڻ هو ته سنڌ حڪومت ۽ پ پ کي نيب ۽ ايف آءِ اي کان ڪوبه خوف نه آهي، ڊپ حڪمرانن کي آهي، ادارو تعصب ۽ جمهوريت دشمني تي ڪم ڪري رهيو هو ته مقدس ڪوٺايو ويو، هاڻي پنجاب جو رخ ڪيو آهي ته ان جو تقدس وسري ويو.

صوبائي صلاحڪار مولابخش چانڊئَي جو چوڻ هو ته نواز ليگ، قومپرست جماعتن ۽ ٻين پارٽين ۾ سٺا ماڻهو به موجود آهن، پر ڪجهه وفاقي وزير پنهنجي تقريرن ۽ طريقي مان پاڪستاني نٿا لڳن.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*