دبئي پهتل اڳوڻي وفاقي گهرو وزير رحمان ملڪ پيپلز پارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري سان ملاقات

Bilawal Buttho Meeting

دبئي پهتل اڳوڻي وفاقي گهرو وزير رحمان ملڪ پيپلز پارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري سان ملاقات ڪئي، جنهن دروان پ پ اڳواڻن خلاف ڪيسز سميت مختلف معاملن تي ويچاريو ويو.

بلاول هائوس جي ترجمان موجب، دبئي ۾ پ پ سينيٽر ۽ اڳوڻي وفاقي گهرو وزير رحمان ملڪ پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري سان ملاقات ڪئي.

ملاقات دروان پ پ اڳواڻن خلاف ڪيس، نيب جي قانوني ۾ امڪاني ترميم ۽ ملڪ جي موجوده صورتحال تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي.

ذريعن جو چوڻ آهي ته ملاقات دوران رحمان ملڪ ملڪ جي سياسي صورتحال سميت مختلف معاملن تي پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري کي بريفنگ ڏني.

ذريعن دعويٰ ڪئي آهي ته دبئي پهتل رحمان ملڪ اڄ اڳوڻي صدر آصف زرداري سان ملاقات ڪندو، جنهن دوران اهم فيصلن جو امڪان آهي……………..

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*