اسلام آباد جي احتساب عدالت نجي دواساز ڪمپني جي ايم ڊي ۽ هڪ ملازم کي وڌيڪ 7 ڏينهن جي جسماني رمانڊ تي نيب حوالي ڪري ڇڏيو

law-mono

اسلام آباد جي احتساب عدالت پاڪستاني دوائن کي پرڏيهي دوائون  ڄاڻائي وڪرو ڪندڙ نجي دواساز ڪمپني جي ايم ڊي ۽ هڪ ملازم کي وڌيڪ 7 ڏينهن جي جسماني رمانڊ تي نيب حوالي ڪري ڇڏيو آهي.

نيب پاران گرفتار ڪيل نجي دواساز ڪمپني فارسوٽيڪل جي ايم ڊي ميان خالد ۽ ملازم طارق حسين کي اسلام آباد جي احتساب عدالت جي جج چوڌري محمد بشير جي آڏو پيش ڪيو.

نيب جي پراسيڪيوٽر عدالت کي آگاهي ڏني ته نجي دواسازي ڪمپني فارسوٽيڪل پاڪستاني دوائن کي پرڏيهي برانڊ ڄاڻائي ملڪ جي مختلف شهرن ۾ وڪرو ڪندي هئي.

نيب جي پراسڪيوٽر عدالت کي ٻڌايو ته پاڪستاني دوائن کي پرڏيهي دوائون بڻائي وڪرو ڪرڻ ۾ ڪمپني جو ايم ڊي ميان خالد ۽ طارق حيدر ملوث آهن، جن کان وڌيڪ جاچ ڪرڻي آهي، ان ڪري عدالت رمانڊ ۾ واڌ ڪري.

عدالت، نيب جي رمانڊ جي استدعا منظور ڪندي ٻنهي جوابدارن کي وڌيڪ ستن ڏينهن جي جسماني رمانڊ تي نيب حوالي ڪري ڇڏيو………

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*