سنڌ هاءِ ڪورٽ تعليم واري سيڪريٽري فضل الله پيچوهو کي 15 مارچ تائين جواب داخل ڪرائڻ لاءِ نوٽيس جاري

Sindh High Court new

سنڌ هاءِ ڪورٽ تعليم واري سيڪريٽري فضل الله پيچوهو کي 21هين گريڊ۾ ترقي ڏيڻ واري درخواست تي سيڪريٽري اسٽيبلشمنٽ کي 15 مارچ تائين جواب داخل ڪرائڻ لاءِ نوٽيس جاري ڪري ڇڏيا آهن.

سنڌ هاءِ ڪورٽ جي جسٽس محمد علي مظهر جي سربراهي ۾ بئنچ فضل الله پيچوهو جي درخواست تي ٻڌڻي ڪئي.

درخواست ۾ موقف اختيار ڪيو ويو آهي ته کيس 2013ع ۾ 21 هين گريڊ ۾ ترقي ڏني وئي، پر سپريم ڪورٽ جي حڪم تحت سندس پروموشن ختم  ڪيو ويو.

تعليم واري سيڪريٽري درخواست    ۾ وڌيڪ ڄاڻايو  آهي ته هاڻي 21 گريڊ جون پوسٽون خالي هئڻ کيس ترقي نٿي ڏني وڃي.

عدالت اهڙي درخواست تي سيڪريٽري اسٽيبلشمنٽ کي 2 هفتن اندر جواب داخل ڪرائڻ لاءِ  نوٽيس جاري ڪري ڇڏيا آهن.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*