امريڪي شڪاري ڪتو ليبراڊر جو نسل امريڪي ڪينل ڪلب پاران لڳاتار 25 هين سال به سڀ کان مقبول نسل قرار ڏنو ويو

dogs

امريڪي شڪاري ڪتو ليبراڊر  جو نسل امريڪي ڪينل ڪلب پاران لڳاتار 25 هين سال به سڀ کان مقبول نسل قرار  ڏنو ويو آهي.

امريڪن ڪينل ڪلب جي نائب صدر جينا ڊينارڊو نيويارڪ ۾ ڳالهائيندي چيو ته ليب جي هلڻ جو خاص انداز ۽ دوستاڻي رويي سبب ان کي بهترين پالتو ڪتو قرار ڏنو وڃي ٿو.

هن چيو ته گذريل 25 سالن کان ڪتن جو ليبراڊر نسل پهرين نمبر تي آهي، جيڪو ڪلب جي تاريخ ۾ سڀ کان وڌيڪ عرصو پهرئين نمبر تي رهڻ جو رڪارڊ آهي.

جيتوڻيڪ ليبراڊر کي بهترين پالتو ڪتو قرار ڏنو وڃي ٿو پر هن نسل جي ڪتي 1877ع کان ٿيندڙ ويسٽ منسٽر ڪينل ڪلب جو ساليانو ڊاگ شو ڪڏهن به کٽي نه سگهيو آهي.

ليبراڊر جي مقابلي م جرمن پوائنٽر گذريل هفتي ڊاگ شو جا سمورا ايونٽ کٽي ورتا هئا پر ان هوندي به جرمن نسل جو ڪتو امريڪا جي ٽاپ ٽين نسلن ۾ شامل نه ٿي سگهيو آهي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*