وزيراعظم کي مخالف ڌر جي غير موجودگي جو احساس ئي ناهي:گڏيل اپوزيشن

national-assembly06-11-15

قومي اسيمبلي جي اجلاس ۾ گڏيل اپوزيشن پاران ڊپٽي اسپيڪر جي رويي خلاف واڪ آئوٽ ڪيو ويو، خورشيد شاهه چيو آهي ته وزيراعظم کي مخالف ڌر جي غير موجودگي جو احساس ئي ناهي، نواز شريف پاران نوٽيس نه وٺڻ تي افسوس ٿي رهيو آهي.

قومي اسيمبليءَ جو اجلاس ڊپٽي اسپيڪر مرتضيٰ جاويد عباسي جي صدارت هيٺ ٿيو.

اجلاس جي شروعات ۾ئي پيپلزپارٽي، جماعت اسلامي ۽ تحريڪ انصاف پاران گڏيل طور  تي  ايوان مان واڪ آئوٽ ڪيو ويو.

خورشيد شاهه چيو ته گذريل ڏينهن واري اجلاس جي صدر جي خطاب بابت ٺهراءُ پيش ڪيو ويو، جنهن دوران اپوزيشن ۽ حڪومتي ميمبرز جو انگ برابر هـو پر ان باوجود ڊپٽي اسپيڪر حڪومت جي حق ۾ ووٽ ڏنو.

خورشيد شاهه چيو ته جيستائين ڊپٽي اسپيڪر ايوان جي ڪارروائي هلائيندو، اپوزيشن جا ميمبر شريڪ نه ٿيندا.

هن چيو ته حڪومت اهو پلان ٺاهيندي آهي ته وزيراعظم جڏهن به قومي اسيمبلي جي اجلاس ۾ اچي، اپوزيشن وارا موجود نه هجن، نواز شريف کي اپوزيشن جي غير موجودگي جو احساس ئي ناهي، کيس معاملي جو نوٽيس وٺڻ گهرجي ها.

خورشيد شاهه چيو ته اهو ڪڏهن ناهي ٿيو ته وزيراعظم اجلاس ۾شرڪت ڪري ۽ اسپيڪر ان وقت صدارت نه ڪري، وزيراعظم کي شايد اپوزيشن جي نه هئڻ جو احساس ئي ناهي. …………..

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*