ٺل پوليس ڳوٺ ڳڙهي حسن کي ڪڙو چاڙهي سرچ آپريشن شروع دوران چئن ڄڻن کي حراست ۾ وٺي ڇڏيو

Thull--23-2-16

ٺل پوليس ڳوٺ ڳڙهي حسن کي ڪڙو چاڙهي سرچ آپريشن شروع دوران چئن ڄڻن کي حراست ۾ وٺي ڇڏيو، پوليس موجب ٺل مان ڪجهه ڏينهن اغوا ڪيل ٻن ٻارڙن جي بازيابي لاءِ ڪارروائي ڪئي وئي آهي.

ڳوٺ ڳڙحي حسن سرڪي ۾ پوليس سرچ آپريشن دوران گهرن توڙي اوطاقن ۾ داخل ٿي  جهڙتي ورتي ۽ چئن ڳوٺاڻن يوسف سرڪي، خادم علي، خالد ۽ صادق سرڪي کي شڪ جي بنياد تي حراست ۾ وٺي ڇڏيو.

پوليس جو چوڻ آهي پنج ڏينهن اڳ اغوا ٿيل ٻن ٻارن نظر محمد کوسي ۽ زاهد کوسي جي بازيابي لاءِ ڪارروائي ڪئي وئي آهي.

پوليس جو وڌيڪ چوڻ آهي ته ڪارروائي دوران چئن شڪي ماڻهن کي حراست ۾ ورتو ويو آهي، جن کان پڇا ڳاڇا ڪئي پئي وڃي…………

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*