پاڪستان، ڀارت وچ ۾ هلندڙ دوستي بس سروس بحال ٿي وئي

Bus-Service-India--Lahore-24-2-16

پاڪستان، ڀارت وچ ۾ هلندڙ دوستي بس سروس بحال ٿي وئي، پهرين بس 21 مسافرن کي کڻي واگها بارڊر ذريعي ڀارت رواني ٿي وئي آهي.

ڀارتي رياست هريانا ۾ جاٽ برادري جي پرتشدد مظاهرن سبب پيدا ٿيل ڇڪتاڻ جي ڪري دوستي بس جي سروس معطل ڪئي وئي هئي.

ذريعن جو چوڻ آهي ته لاهور ۾ ٻن ڏينهن کان روڪيل دوستي بس 21 مسافرن کي کڻي واگها بارڊر ذريعي ڀارت رواني ٿي وئي.

واضح رهي ته ڀارتي شهر هريانا ۾ مسلسل ڇڪتاڻ سبب ٻنهي ملڪن جي حڪومتن مسافرن جي ويزائن ۾ واڌ ڪري دوستي بس ۽ ٽرين سروس معطل ڪري ڇڏي هئي……………………

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*