ٽنڊي ڄام ويجهو اڻڄاتل هٿياربندن گوليون هڻي نوجوان کي قتل ڪري ڇڏيو، مقتول جو لاش پوسٽ مارٽم لاءِ حيدرآباد منتقل ڪيو ويو

Tando-Jam-24-2-16

ٽنڊي ڄام ويجهو اڻڄاتل هٿياربندن گوليون هڻي نوجوان کي قتل ڪري ڇڏيو، مقتول جو لاش پوسٽ مارٽم لاءِ حيدرآباد منتقل ڪيو ويو آهي.

ڳوٺ جهنڊو کوسو ۾ هٿيار بندن هڪ گهر تي حملو ڪري نوجوان جاني کوسو کي گوليون هڻي قتل ڪري ڇڏيو

واقعي بعد جوابدار فرار ٿي ويا، جڏهن ته اطلاع تي پوليس پهچي مقتول جو لاش کڻائي پوسٽ مارٽم لاءِ حيدرآباد جي سول اسپتال منتقل ڪيو.

پوليس جو چوڻ آهي ته واقعي جو ڪارڻ معلوم نه ٿي سگهيو آهي، وارثن پاران ڪيس داخل ڪرائڻ بعد جوابدارن کي گرفتار ڪيو ويندو.

مقتول جي وارثن جو چوڻ آهي ته سندن ڪنهن سان به دشمني ناهي، معاملي جي جاچ ڪري ملوث جوابدارن کي گرفتار ڪيو وڃي……………….

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*