دهشتگردي پاڪستان ۽ افغانستان جو گڏيل مسئلو آهي، افغان حڪومت ۽ طالبان وچ ۾ چار ڌرئي ڳالهيون مثبت رُخ ۾ اڳتي وڌڻ سٺو سنوڻ, وزير اعظم نواز شريف

Nawaz-Afghan-24-2-16

وزير اعظم نواز شريف چيو آهي ته دهشتگردي پاڪستان ۽ افغانستان جو گڏيل مسئلو آهي، افغان حڪومت ۽ طالبان وچ ۾ چار ڌرئي ڳالهيون مثبت رُخ ۾ اڳتي وڌڻ سٺو سنوڻ آهي.

پي ايم هائوس اسلام آباد ۾ وزير اعظم نواز شريف سان ڀارتي هاءِ ڪمشنر گوتم بمباوالي ۽ افغان پارليامينٽ جي اسپيڪر رئوف ابراهيمي ملاقات ڪئي.

پي ايم هائوس ترجمان موجب، ملاقات دوارن ٻه طرفن لاڳاپن امن امان جي موجوده صورتحال سميت مختلف معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي.

ان موقعي تي وزير اعظم نواز شريف چيو ته پاڪستان ۽ افغانستان جو ساڳيو دشمن آهي، خطي ۾ امن جي بحالي لاءِ ٻنهي ملڪن کي ڪردار ادا ڪرڻو پوندو.

هن چيو ته افغان حڪومت ۽ طالبان وچ ۾ ٺاهه لاءِ چار ڌرئي ڳالهيون مثبت رُخ ۾ اڳتي وڌي رهيون آهن، جنهن سان افغانستان بحران جو حل ڳالهين سان نڪري سگهي ٿو.

نواز شريف وڌيڪ چيو ته پاڪستان خطي ۾ امن جي بحالي لاءِ دهشتگردي خلاف جنگ ۾ رڌل آهي، جنهن ۾ مثبت ڪاميابيون به ملي رهيون آهن……………

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*