محرابپور شهر ۾ ٽائون ڪاميٽي جي صفائي ڪندڙ ملازمن پاران گذريل ٻن مهينن کان رهيل پگهارون نه ٿيڻ خلاف احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو

Mehrabpur-City-24-2-2016

محرابپور شهر ۾ ٽائون ڪاميٽي جي صفائي ڪندڙ ملازمن پاران گذريل ٻن مهينن کان رهيل پگهارون نه ٿيڻ خلاف احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو.

ٽائون آفيس کان سوين ملازمن احتجاجي مظاهرو ڪري پريس ڪلب آڏو ڌرڻو هنيو، ان دوران شهر جي واپارين سميت سياسي سماجي تنظيمن جي ماڻهن به احتجاج ۾ شرڪت ڪئي.

 مظاهرين چيو ته ٽائون ڪاميٽي عملدارن جي ناهلي سبب سڄو شهر گندگي ۾ تبديل ٿي ويو آهي.

هنن چيو ته محرابپور ٽائون ڪاميٽي سوا ڪروڙ روپيه بچت باوجود پورهيت ملازمن کي رهيل پگهارون جاري نه پئي ڪري، جنهن ڪري هو سخت پريشانين کي منهن ڏئي رهيا آهن.

هنن مطالبو ڪيوته کين رهيل پگهارون فوري طور جاري ڪيون وڃن، ٻي صورت ۾ صفائي جو بائيڪاٽ ۽ احتجاج جاري رکيو ويندو…………….

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*