خيرپور ۽ ڄامشوري ۾ اڌر ڪيڊرز ۾ ڀرتي ڪيل استادن ۽ تعليم کاتي جي ٻن ملازمن گذريل ڪيترن ئي مهينن کان پگهارون جاري نه ٿيڻ خلاف احتجاجي مظاهرا ڪري ڌرڻا هنيا

Jamshoro-Khairpur-24-2-16

خيرپور ۽ ڄامشوري ۾ اڌر ڪيڊرز ۾ ڀرتي ڪيل استادن ۽ تعليم کاتي جي ٻن ملازمن گذريل ڪيترن ئي مهينن کان پگهارون جاري نه ٿيڻ خلاف احتجاجي مظاهرا ڪري ڌرڻا هنيا.

خيرپور جي مختلف هاءِ اسڪولن ۾ عربي، سنڌي، ايگريڪلچر، ڊرائنگ ۽ ٻين ڪيڊز جي استادن طارق سومرو، شوڪت منگي ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ 111 هين ڏينهن به احتجاجي مظاهرو ڪيو.

مظاهرين چيو ته گذريل 39 مهينن کان ڊيوٽيون ڪندڙ استادن کي پگهارون جاري ناهن ڪيون ويون، جنهن سبب سندن ٻچا فاڪا ڪشي جي زندگي گذاري رهيا آهن.

هنن چيو ته سنڌ جي وڏي وزير پاران هڪ هفتي اندر پگهار ڏيارڻ جو واعدو ڪيو ويو، پر مهينو گذري وڃڻ باوجود ان تي عمل نه ٿي سگهيو آهي.

هنن مطالبو ڪيو ته کين رهيل پگهارون فوري طور جاري ڪيون وڃن، ٻي صورت ۾هو احتجاج جاري رکندا.

ڄامشوري شهر ۾ ضلعي جي مخلتف اسڪولن جي استادن ۽ عملي پاران 6 مهينن کان پگهارون بند هجڻ خلاف احتجاجي ريلي ڪڍي مک چوڪ مظاهرو ڪيو ويو.

ان موقعي تي نبي بخش ميمڻ، حاجي الطاف ڏاوڇ ۽ ٻين چيو ته ضلعي جي مخلتف اسڪولن جي هيڊ ماسترن، سبجيڪٽ اسپيشلسٽ، ايڇ ايس ٽيز، جي ايس ٽيز ۽ پي ايس ٽيز  سميت ڪلارڪن ۽ پٽيوالن جون 6 مهينن کان پگهارون بند آهن، جنهن ڪري هو سخت پريشانين جو شڪار آهن.

هنن مطالبو ڪيو ته سمورن ملازمن کي رهيل پگهارون جاري ڪيون وڃن، ٻي صورت ۾  7 مارچ تي بلاول هائوس آڏو مرڻ گهڙي تائين بک هڙتال شروع ڪئي ويندي………….. …………..

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*