سنڌ هاءِ ڪورٽ عذير بلوچ جي گهرواري ثمينه عذير جي درخواست تي ڊي جي رينجرز کي نوٽيس جاري ڪندي سومر تائين جواب داخل ڪرائڻ جو حڪم ڏنو

Sindh-high-court-02

سنڌ هاءِ ڪورٽ عذير بلوچ جي گهرواري ثمينه عذير جي درخواست تي ڊي جي رينجرز کي نوٽيس جاري ڪندي سومر تائين جواب داخل ڪرائڻ جو حڪم ڏنو آهي، درخواست ۾ موقف اختيار ڪيو ويو آهي ته عذير بلوچ 90 ڏينهن لاءِ رينجرز جي حراست ۾ آهي پر ساڻس ملاقات ڪرڻ به نٿي ڏني وڃي.

لياري امن ڪميٽي جي عذير بلوچ جي رينجرز حراست دوران ملاقات جي اجازت نه ڏيڻ خلاف سندس گهرواري ثمينه عذير سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ تڪڙي ٻڌڻي لاءِ درخواست داخل ڪرائي.

درخواست ۾ موقف اختيار ڪيو ويو ته عذير بلوچ 90 ڏينهن لاءِ رينجرز جي حراست ۾ آهي پر کين ساڻس ملاقات ڪرڻ جي اجازت نه پئي ڏني وڃي.

جسٽس نعمت الله ڦلپوٽو جي سربراهي ۾ ڊويزن بئنچ درخواست تي ٻڌڻي ڪندي ڊي جي رينجرز سنڌ کي نوٽيس جاري ڪندي سومر تائين جواب طلب ڪري ورتو آهي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*