آرمي چيف جنرل راحيل شريف قوم سان ڪيل واعده پورا ڪرڻ جو عزم ورجائيندي چيو, آپريشن ضرب عضب ذريعي دهشتگردن ۽ سندن سهولتڪارن جو گهيرو تنگ ڪري ڇڏيو

Raheel-Sharif-Visit-24-2-16

آرمي چيف جنرل راحيل شريف قوم سان ڪيل واعده پورا ڪرڻ جو عزم ورجائيندي چيو آهي ته  آپريشن ضرب عضب ذريعي دهشتگردن ۽ سندن سهولتڪارن جو گهيرو تنگ ڪري ڇڏيو آهي، امن دشمنن کي عبرتناڪ شڪست نصيب ٿيندي.

آرمي چيف جنرل راحيل شريف اتر وزيرستان جي علائقي شوال جو دورو ڪري آپريشن ضرب عضب ۾ حصو وٺندڙ فوجي جوانن سان ملاقات ڪئي.

آءِ ايس پي آر موجب، آرمي چيف جنرل راحيل شريف کي آپريشن ضرب عضب ۾ هيل تائين ٿيل اڳڀرائين بابت تفصيلي بريفنگ ڏني وئي، جنهن تي هن اطيمنان جو  اظهار ڪيو.

ڊي جي آءِ ايس پي آر موجب، آرمي چيف جنرل راحيل شريف آپريشن جو حتمي مرحلو شروع ڪرڻ جي هدايت  ڪندي چيو ته پاڪ فوج عوام سان ڪيل واعده پاڙيندي.

هن چيو ته آپريشن ضرب عضب ذريعي دهشتگردن جي چيلهه ڀڃي ڇڏي آهي، امن دشمنن کي ڪنهن به ريت بخش نه ڪيو ويندو.

آرمي چيف چيو ته آپريشن ضرب عضب ۾ ڏنل قربانيون رائيگان نه وينديون، دهشتگرد ۽ سندن سهولتڪارن  جو گيهرو تنگ ڪيو ويو آهي.

جنرل راحيل شريف چيو ته اتر وزيرستان جا ماڻهو دهشتگردي کان نجات چاهين ٿا، جنهن لاءِ هو قربانيون به ڏئي رهيا آهن، جن کي پوري قوم سلام پيش ڪري ٿي.

آرمي چيف جنرل راحيل شريف ملڪ مان جلد دهشتگردي جي خاتمي وارو عزم ورجائيندي چيو ته قوم جي سهڪار سان پاڪ فوج اثرائتيون ڪارروائيون ڪري رهي  آهي، امن دشمنن کي ڳولي ماريو ويندو……………………..

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*