ايس ايس پي ملير رائو انوار مقابلي ۾ ماريل دهشتگردن بابت تفصيل جاري ڪندي چيو, دهشتگرد رينجرز ۽ پوليس جي 12 اهلڪارن جي قتل سميت ڪيترن ئي دهشتگرد ڪاررواين ۾ ملوث هئا

Roa-Anwar-24-2-16

ايس ايس پي ملير رائو انوار مقابلي ۾ ماريل دهشتگردن بابت تفصيل جاري ڪندي چيو آهي ته دهشتگرد رينجرز ۽ پوليس جي 12 اهلڪارن جي قتل سميت ڪيترن ئي دهشتگرد ڪاررواين ۾ ملوث هئا، ڪراچي ۾ لشڪر جهنگوي، طالبان ۽ القاعده سرگرم آهن.

ملير ۾ پنهنجي آفيس ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي ايس ايس پي رائو انوار چيو ته پپري ۽ گڏاپ ۾ مقابلي دوران مارهجي ويل 12 دهشتگرد ٻن رينجرز اهلڪارن ۽ ٽن ڊي ايس پيز سميت پوليس جي 12 اهلڪارن جي قتل ۾ ملوث هئا.

رائو انوار چيو ته دهشتگرد ڪراچي ۾ فرقيواراڻي ٽارگيٽ ڪلنگ، پوليس ٽريننگ سينٽر ۽ ايئر پورٽ حملي ۾ به ملوث هئا، جن وٽان هٿ آيل هٿيار به شهيد اهلڪارن جا آهن.

هن چيو ته مارجي ويل دهشتگردن کي  ڀارتي ڳجهي اداري“را“ افغانستان ۾ تربيت ڏني.

ايس ايس پي رائو انوار وڌيڪ چيو ته ڪراچي ۾ طالبان، لشڪر جهنگوي ۽ القاعده جا گروپ دهشتگرد ڪاررواين ۾ ملوث آهن.

رائو انوار چيو ته آخري  دهشتگرد جي خاتمي تائين جنگ جاري رهندي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*