وفاقي حڪومت پاران مارچ ۾ رٿيل آدمشماري جي ملتوي ٿيڻ جا امڪان وڌي ويا آهن

senate-pakistan-11-8وفاقي حڪومت پاران مارچ ۾ رٿيل آدمشماري جي ملتوي ٿيڻ جا امڪان وڌي ويا آهن، سينيٽ جي ناڻي بابت اسٽينڊنگ ڪميٽي جي اجلاس کي بريفنگ ڏيندي شماريات کاتي جي سربراهه آصف باجوه چيو آهي ته گهربل تعداد ۾ فوج نه ملي ته پوءِ آدمشماري نه ڪرائي ويندي، ڊي جي نادرا چيو آهي ته هڪ لک 30 هزار پرڏيهين جا شناختي ڪارڊ رد ڪيا ويا آهن.

سينيٽ جي ناڻي بابت اسٽينڊنگ ڪميٽي جو اجلاس سينيٽر سليم مانڊوي والا جي صدارت هيٺ ٿيو، جنهن کي ناڻي واري سيڪريٽري، ڊي جي نادرا ۽ شماريات کاتي پاران بريفنگ ڏني وئي.

سينيٽ جي اسٽينڊنگ ڪميٽي کي بريفنگ ڏيندي شماريات جي سربراهه آصف باجوه چيو ته آدمشماري لاءِ گهربل تعداد ۾ فوج نه ملي ته پوءِ آدمشماري نه ٿيندي.

ناڻي واري سيڪريٽري وقار مسعود ڪميٽي کي بريفنگ ڏيندي ٻڌايو ته ملڪي سرمايو ٻاهر نه ٿو کڻي وڃي سگهجي ۽ 2015ع ۾ 50 هزار يورو بانڊ به پاڪستاني سيڙپڪارن کي ڏنا ويا هئا.

ڊي جي نادرا اجلاس کي برينگ ڏيندي ٻڌايو ته ماضيءَ ۾ غير قانوني طور سڃاڻپ ڪارڊ ٺهرائيندڙ پرڏيهين جا ڪارڊ رد ڪيا پيا وڃن ۽ هن وقت تائين هڪ لک 30 هزار پرڏيهين جا سڃاڻپ ڪارڊ رد ڪيا ويا آهن…..

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*