ڪشمير ۾ چونڊن دوران ڌانڌليون روڪڻ چئلنج بڻيل آهي، تحريڪ انصاف چونڊن ۾ ڪاميابي ماڻي ته ڪشمير جي مستقبل جو فيصلو ڪرڻ جو اختيار هتان جي عوام کي ڏيارڻ جي ڪوشش ڪئي ويندي,تحريڪ انصاف جي سربراهه عمران خان

Imran-Khan-Speech-24-2-16

تحريڪ انصاف جي سربراهه عمران خان چيو آهي ته ڪشمير ۾ چونڊن دوران ڌانڌليون روڪڻ چئلنج بڻيل آهي، تحريڪ انصاف چونڊن ۾ ڪاميابي ماڻي ته ڪشمير جي مستقبل جو فيصلو ڪرڻ جو اختيار هتان جي عوام کي ڏيارڻ جي ڪوشش ڪئي ويندي.

آزاد ڪشمير جي شهر ڪوٽلي ۾ چونڊ جلسي کي خطاب ڪندي عمران خان چيو ته حڪمران طبقي ڪي ڪرپشن سبب عوام جي ڀلائي تي خرچ ٿيڻ بدران ملڪي ناڻو پرڏيهه منتقل ٿئي ٿو.

هن چيو ته اقتدار کي ڪاروبار بڻايو ويو آهي، جنهن ڪري ڌانڌليون ڪيون وڃن ٿيون، جيڪڏهن ڪو ڌانڌلي ڪري کٽيندو ته اهو عوام لاءِ ڇو سوچيندو؟

پي ٽي آءِ چيئرمين چيو ته آصف زرداري ۽ نوازشريف اقتدار ۾ هوندي سرڪاري ايوانن ۾ ۽ اپوزيشن ۾ هوندي جيلن ۾ رهيا آهن، تنهنڪري هو شڪست کان خوف ۾ ورتل آهن.

عمران خان چيو ته خيبر پختونخواهه ۾ اوهان کي ڪير به ايم اين ايز، ايم پي ايز پٺيان رلندي نظر نه ايندا، ڇاڪاڻ ته اتي سمورا فنڊز مڪاني ادارن کي منتقل ڪيا ويا آهن، عوام جا مسئلا ڳوٺ ۾ حل ٿين ٿا.

هن چيو ته گڏيل قومن ڪشمير جي عوام کي پنهنجي مستقبل بابت فيصلو ڪرڻ جو اختيار ڏنو آهي، سندن حڪومت اچڻ باوجود ڪشمير بابت فيصلو ڪنهن ٻئي ملڪ نه ڪشمير ۾ ٿيندو.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*