وزيراعظم نوازشريف سينيٽر اقبال ظفر جهڳڙا کي خيبرپختونخواهه جو نئون گورنر مقرر ڪري سمري منظوري لاءِ ايوان صدر ڏانهن موڪلي ڇڏي

Iqbal-Jaghra-24-2-16

وزيراعظم نوازشريف سينيٽر اقبال ظفر جهڳڙا کي خيبرپختونخواهه جو نئون گورنر مقرر ڪري سمري منظوري لاءِ ايوان صدر ڏانهن موڪلي ڇڏي آهي.

وزيراعظم هائوس جي ترجمان پاران جاري ڪيل بيان ۾ چيو ويو آهي ته وزيراعظم نوازشريف اقبال ظفر جهڳڙا کي ڪي پي ڪي جو نئون گورنر مقرر ڪيو آهي.

ترجمان جو وڌيڪ چوڻ آهي ته اقبال ظفر جهڳڙا جي گورنر طور مقرري واري سمري منظوريءَ جي لاءِ صدر ڏانهن موڪلي ڇڏي آهي.

اقبال ظفر جهڳڙا هن وقت اسلام آباد مان سينيٽر چونڊيل آهي ۽ گورنر طور حلف کڻڻ کان اڳ هو سينيٽ تان استعيفيٰ ڏئي ڇڏيندو.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*