آپگهات ڪندڙ شاگردياڻي ثاقبه ڪاڪڙ جي ايف آءِ آر داخل ڪري سڀاڻي رپورٽ پيش ڪرڻ جو حڪم

balochistan-highi-court

بلوچستان هاءِ ڪورٽ 12 جنوري تي بلوچستان جي قلعه سيف الله واري علائقي ۾ آپگهات ڪندڙ شاگردياڻي ثاقبه ڪاڪڙ جي ايف آءِ آر داخل ڪري سڀاڻي رپورٽ پيش ڪرڻ  جو حڪم ڏئي ڇڏيو آهي، جسٽس شڪيل بلوچ ريمارڪس ڏيندي پوليس کي حڪم ڏنو  ته ايف آءِ آر داخل ڪرڻ لاءِ ڪوبه سياسي دٻاءُ قبول نه ڪيو وڃي.

بلوچستان هاءِ ڪورٽ جي جسٽس شڪيل بلوچ تي ٻڌل سنگل بئنچ شاگرياڻي ثاقبا ڪاڪڙ جي قتل ڪيس جي ايف آءِ آر داخل ڪرڻ بابت درخواست تي ٻڌڻي ڪئي.

12 جنوري تي ثاقبا ڪاڪڙ اسڪول جي هيڊ ماستر پاران امتحان ۾ ويهڻ جي اجازت نه ڏيڻ تي آپگهات ڪيو هو پر پوليس سندس  قتل جي ايف آءِ آر داخل ڪرڻ کان انڪار ڪيو هو.

بلوچستان هاءِ ڪورٽ ۾ ٻڌڻي دوران جسٽس شڪيل بلوچ ريمارڪس ڏيندي چيو ته جيڪڏهن ايف آءِ آر پهرين ڏينهن داخل ڪئي وڃي ها ته معاملو هتي نه پهچي ها.

عدالت ۾ ٻڌڻي دوران گهرو سيڪريٽري، ڊي سي او قلعه سيف الله ۽ اي آءِ جي پوليس پيش ٿيا.

عدالت اي آءِ جي کي شاگردياڻي جي قتل ڪيس جي ايف آءِ آر داخل ڪرڻ جو حڪم ڏيندي چيو ته قانوني گهرجون پوريون ڪرڻ لاءِ ڪوبه سياسي دٻاءُ قبول نه ڪيو وڃي………….

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*