ماءُ کي قتل ڪندڙ اسٽيٽ بئنڪ جي اسسٽنٽ جوائنٽ ڊائريڪٽر غلام رباني جي رمانڊ ۾ 2 ڏينهن جي واڌ ڪري ڇڏي

law-mono

ڪراچي جي جڊيشل مئجسٽريٽ ڏکڻ جي عدالت ڪلفٽن واري علائقي ۾ ماءُ کي قتل ڪندڙ اسٽيٽ بئنڪ جي اسسٽنٽ جوائنٽ ڊائريڪٽر غلام رباني جي رمانڊ ۾ 2 ڏينهن جي واڌ ڪري ڇڏي آهي.

بوٽ بيسن پوليس پوليس ماءُ کي ڇُرين جا وار ڪري بيدردي سان قتل ڪندڙ جوابدار غلام ربانيءَ کي جڊيشل مئجسٽريٽ ڏکڻ جي عدالت ۾ پيش ڪيو.

     عدالت پوليس جي درخواست تي جوابدار غلام رباني جي رمانڊ ۾ ٻن ڏينهن جي واڌ ڪري ڇڏي آهي. جاچ آفيسر عدالت کي آگاهه ڪيو ته جوابدار جي ڀيڻ جو اڃا تائين بيان رڪارڊ ناهي ڪيو ويو، جنهن لاءِ مهلت ڏني وڃي.

     عدالت ايندڙ ٻڌڻي تي جاچ آفيسر کي ڪيس ۾ اڳڀرائي بابت رپورٽ پيش ڪرڻ جي هدايت ڪري ڇڏي آهي.

     ڪجهه ڏينهن اڳ جوابدار غلام رباني زال کي طلاق ڏيڻ بعد ماءُ کي ڇُرين جا وار ڪري قتل ڪيو هو.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*