ايشيا ڪپ ٽي-ٽوئنٽي ڪرڪيٽ ٽورنامنٽ ۾ اڄ دفاعي چيمپيئن سري لنڪا ۽ يو اي ايِ جي ٽيمن وچ مقابلو ٿي رهيو

Srilanka-Vs-UAE-25-2-16

ايشيا ڪپ ٽي-ٽوئنٽي ڪرڪيٽ ٽورنامنٽ ۾ اڄ دفاعي چيمپيئن سري لنڪا ۽ يو اي ايِ جي ٽيمن وچ مقابلو ٿي رهيو آهي.

بنگلاديش جي گادي واري شهر ڍاڪا ۾ جاري ايشيا ڪپ ٽورنامنٽ ۾ سري لنڪن ٽيم يو اي ايِ جي ٽيم سان مهاڏو اٽڪائي رهي آهي.

ٻنهي ٽيمن اڄ جي ميچ ۾ ڪاميابي حاصل ڪرڻ لاءِ گذريل ڏينهن شام جو ڀرپور ٽريننگ سيشن ۾ شرڪت ڪئي.

ٽريننگ سيشن دوران ٻنهي ٽيمن جي رانديگرن مختلف ورزشون ڪرڻ بعد نيٽ ۾ بيٽنگ ۽ بالنگ جي پريڪٽس تي ڀرپور ڌيان ڏنو.

ٻنهي ملڪن جي ٽيمن وچ اڄ پهرين ٽي-ٽوئنٽي ميچ ٿي رهي آهي،جنهن ۾ دفاعي چيمپيئن سري لنڪا کي فيوريٽ قرار ڏنو ويو آهي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*