خيبر پختونخواهه حڪومت حصي جو پاڻي چوري ٿيڻ ۽ معاوضو نه ملڻ بابت معاملو گڏيل مفادن واري ڪائونسل ۾ اٿارڻ جو فيصلو ڪري ورتو

kpk-assembly

خيبر پختونخواهه حڪومت حصي جو پاڻي چوري ٿيڻ ۽ معاوضو نه ملڻ بابت معاملو گڏيل مفادن واري ڪائونسل ۾ اٿارڻ جو فيصلو ڪري ورتو آهي.

ذريعن جو چوڻ آهي ته خيبرپختونخواهه سرڪار حصي جو پاڻي چوري ٿيڻ ۽ معاوضو نه ملڻ بابت معاملو گڏيل مفادن واري ڪائونسل ۾ اٿارڻ جو فيصلو ڪيو آهي.

ڪي پي ڪي سرڪار جي ترجمان پاران جاري ڪيل پڌرائي ۾ چيو ويو آهي ته ڪي پي ڪي جي حصي جو پاڻي سنڌ، پنجاب ۽ بلوچستان استعمال ڪري رهيا آهن.

جاري ڪيل پڌرائي ۾ ڪي پي ڪي سرڪار ڄاڻايو آهي ته وفاقي سرڪار ڪي پي ڪي جي پاڻي جو معاوضو نه ٿي ڏي، جيڪو  خيبرپختونخواهه جي عوام سان ظلم آهي.

واضح رهي  سنڌ سرڪار به مسلسل پاڻي چوري واري معاملي تي وفاق سان احتجاج ڪندي رهي آهي…………

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*