آمريڪا مان هڪ شخص پاڪستان آيو ۽ ريمنڊ ڊيوس کي ڇڏائي ويو، ڇا اسين آمريڪا غلام آهيون؟:اسلام آباد هاءِ ڪورٽ

islamabad-Dr-Afia

اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي جسٽس نور الحق قريشي ڊاڪٽر عافيه صديقي ڪيس ۾ ريمارڪس ڏيندي چيو آهي ته آمريڪا مان هڪ شخص پاڪستان آيو ۽ ريمنڊ ڊيوس کي ڇڏائي ويو، ڇا اسين آمريڪا غلام آهيون؟.

جسٽس نور الحق تي ٻڌل اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي سنگل بينچ ڊاڪٽر عافيه صديقي سان ملاقات بابت فوزيه صديقي جي درخواست تي ٻڌڻي ڪئي.

ٻڌڻي دوران پرڏيهي وزارت لکت ۾ جواب جمع ڪرايو، جنهن تي درخواستگذار جي وڪيل اعتراض واريا.

درخواستگذار موقف اختيار ڪيو ته امريڪا جي جيل ۾ ڊاڪٽر عافيه صديقي تي جسماني ۽ ذهني تشدد ڪيو پيو وڃي، پر حڪومت ڪو قدم ناهي کنيو.

ڊپٽي اٽارني جنرل راجا خالد محمد عدالت ۾ موقف اختيار ڪيو ته ڊآڪٽر عافيه صديقي جي قانوني معاونت لاءِ امريڪا ۾ ٽن وڪيلن جي ٽيم موجود آهي، جڏهن ته ڊاڪٽر عافيه جا گهر ڀاتي امريڪا وڃي ساڻس ملاقات ڪري سگهن ٿا.

جسٽس نور الحق قريشي ريمارڪس ڏنا ته امريڪا مان هڪ ماڻهو پاڪستان اچي ريمنڊ ڊيوس کي ڇڏائي ويو، پر  اسان جي حڪومت ڊاڪٽر عافيه معاملي تي ڪجهه ناهي ڪيو.

عدالت رمارڪس ۾ چيو ته ڇا حڪومت اهو تاثر ڏيڻ جي ڪوشش ڪري رهي آهي ته اسان آمريڪا جا غلام آهيون.

عدالت ڊاڪٽر عافيه صديقي جي سندس وارثن سان ملاقات بابت درخواست تي اڄ ئي حڪمنانو جاري ڪرڻ جو فيصلو ڪري ورتو آهي………..

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*