نوازليگ سرڪار ٻيهر ڪالاباغ ڊئم جي حمايت ۾ سـَندرا ٻـَڌي ورتا

Nawaz-Sharif-24-2-16

نوازليگ سرڪار ٻيهر ڪالاباغ ڊئم جي حمايت ۾ سـَندرا ٻـَڌي ورتا، بين الصوبائي معاملن واري وزارت پاران قومي اسيمبلي ۾ جمع ڪرايل لکت واري بيان ۾ چيو ويو آهي ته ڊئم بابت صوبن ۾ اتفاق راءِ لاءِ وزيراعظم کي تجويزون پيش ڪيون آهن، جواب جو انتظار آهي.

قومي اسيمبلي جو اجلاس اسپيڪر  سردار اياز صادق جي صدارت هيٺ ٿيو، جنهن ۾ مختلف معاملن تي بحث ڪيو ويو.

بين الصوبائي معاملن واري وزارت جي وفاقي وزير رياض پيرازده ڪالا باغ ڊيم بابت ايوان کي لکت ۾ آگاهي ڏني.

وفاقي وزير رياض پيرزاده لکت ۾ آگاهي ڏيندي چيو ته ڪالا باغ ڊئم معاملو گڏيل مفادن واري ڪائونسل ۾ غور هيٺ آهي، ۽ صوبن ۾ اتفاق راءِ پيدا ڪرڻ لاءِ  وزير اعظم کي تجويزون پيش ڪري ڇڏيون آهن، هاڻ رڳو وزير اعظم جي جواب جو انتظار آهي.

رياض پيزاده چيو ته گڏيل مفادن واري ڪائونسل جي اجلاس ۾ ڪالاباغ ڊيم تي 1991 ۽ 1998ع جي فيصلن کي پيش ڪرڻ جون تجويزون به ڏنيون ويون آهن.

هن چيو ته آرٽيڪل 157 تحت وفاق ۽ صوبن پاران گڏيل مفادن واري ڪائونسل جي فيصلن تي بي اعتمادي ظاهر ڪرڻ جي صورت ۾ معاملو پارليامينٽ جي گڏيل اجلاس ۾ پيش ڪري سگهجي ٿو.

رياض پيزاده چيو ته نجڪاري ڪميشن هيل تائين ڪنهن به کاتي جي نجڪاري وارو معاملو گڏيل مفادن واري ڪائونسل ۾ پيش ناهي ڪيو، جڏهن ته ماضي ۾ سي سي آءِ پاور سيڪٽر جي 13 ادارن جي نجڪاري جي منظوري ڏني هئي.

اسپيڪر اياز صادق جڪارتا ۾ پاڪستاني سفارتخاني جي عمارت جي وڪري ۾ مبينا گهوٻين جي جاچ ۾ اڳڀرائي نه ٿيڻ تي نيب مٿان سخت ڪاوڙ جو اظهار ڪيو.

سردار اياز صادق معاملو ٻيهر قومي احتساب بيورو ڏانهن اماڻڻ جي هدايت ڪندي چيو ته 2012 کان معاملو نيب وٽ آهي، پر هيل تائين جاچ ۾ ڪا اڳڀرائي ناهي ٿي…………….

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*