ڪراچي ۾ گندگي خلاف مهم هلايئندڙ فڪس اٽ جي عالمگير خان وزيراعليٰ هائوس آڏو گند ڪچري سان ڀريل ٽرالي اڇلائڻ جي ڪوشش،گرفتار

FIX-IT

ڪراچي ۾ گندگي خلاف مهم هلايئندڙ فڪس اٽ جي عالمگير خان وزيراعليٰ هائوس آڏو گند ڪچري سان ڀريل ٽرالي اڇلائڻ جي ڪوشش ڪئي، پوليس لٺبازي بعد عالمگير کي ڊرائيور سميت گرفتار ڪري ورتو.

     عالمگير گندگي ڪچري سان ڀريل ٽريڪٽر ٽرالي ڪهرائي وزيراعليٰ هائوس آڏو اڇلائڻ جي ڪوشش ڪئي، جنهن دوران پوليس کيس ائين ڪرڻ کان روڪيو.

 عالمگير پاران زبردستي وزيراعليٰ هائوس آڏو گندڪچرو اڇلائڻ جي ڪوشش دوران پوليس لٺبازي بعد کيس ڊرائيور سميت گرفتار ڪري ٿاڻي تي منتقل ڪري ڇڏيو.

     عالمگير جو چوڻ هو ته شهر ۾ گندگي جا ڍير لڳل آهن، پر شهري انتظاميا توڙي مڪاني وارو کاتو صفائي لاءِ تيار نه آهن.

ان کان اڳ هڪ وڊيو سامهون آئي هئي جنهن ۾ فڪس اٽ پاران مختلف علائقن ۾ لڳايل گٽرن جا ڍڪ ڪارڪنن لاهيندي نظر اچي رهيا هئا.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*