نواز شريف غلطي سان وزير اعظم بڻجي ويو، ڪرڪيٽ ۾ شرمائيندڙن وٽ 20 ڪروڙ عوام جو مستقبل آهي:عمران خان

imran-khan

تحريڪ انصاف جي سربراهه عمران خان چيو آهي ته نواز شريف غلطي سان وزير اعظم بڻجي ويو، ڪرڪيٽ ۾ شرمائيندڙن وٽ 20 ڪروڙ عوام جو مستقبل آهي، نيب کي ڪرپٽ ماڻهن خلاف اثرائتيون ڪارروائيون ڪرڻ گهرجن.

پشاور ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي عمران خان چيو ته نواز ليگ سرڪار جي غلط پاليسين سبب ملڪ اربين ڊالرز جو قرضي ٿي ويو آهي، نيب کي ڪرپٽ ماڻهن خلاف ڪارروائي کان روڪڻ افسوسناڪ آهي.

هن چيو ته نواز شريف ڪرڪيٽ ۾ شرمائيندو هو، حيرت جي ڳالهه آهي ته اڄ هـــــُـو قومي احتساب بيورو جي چيئرمين کي ڌمڪيون ڏئي رهيو آهي.

عمران خان وڌيڪ چيو ته ڪرپٽ سياستدانن قومي ادارن کي ڀنيگ ڪري ڇڏيو آهي، قومي احتساب بيورو کي ڪرپٽ ماڻهن خلاف ڪارروائيون تيز ڪرڻ گهرجن…………….

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*