پاڪستان پيپلز پارٽي ٻن حصن ۾ ورهائجي چڪي آهي، آصف زرداري جي بيان بابت پ پ جي وائڙائپ ان جو مثال آهي:شاهه محمود قريشي

shahmahmod-qurishi

تحريڪ انصاف جي مرڪزي اڳواڻ شاهه محمود قريشي چيو آهي ته پاڪستان پيپلز پارٽي ٻن حصن ۾ ورهائجي چڪي آهي، آصف زرداري جي بيان بابت پ پ جي وائڙائپ ان جو مثال آهي.

ملتان ۾  ميڊيا سان ڳالهائيندي شاهه محمود قريشي چيو ته قوم جو پئسو هڙپ ڪندڙ ڪرپٽ ماڻهو جتي به هجي سندس گهرو تنگ ٿيڻ گهرجي.

هن چيو ته ڪرپشن بابت پي ٽي آءِ سربراهه عمران خان جي ايجنڊا واضح آهي، ڪي پي ڪي جا چونڊيل نمائندا بااختيار آهن.

سندس چوڻ هو ته نواز ليگ سرڪار وٽ اورنج لائين ۽ ميٽرو بس منصوبي تي ڪروڙين رپين خرچ ڪري ڇڏيا، پر افسوس حڪومت وٽ مسڪين آبادگارن ۽ هارين کي ڏيڻ لاءِ ڪجهه نه آهي.

شاهه محمود قريشي چيو ته پاڪستان  پيپلز پارٽي ٻن حصن ۾ ورهائجي وئي آهي، آصف زرداري جي ڪيل اشاري بابت اندازو ٿي چڪو آهي.

پي ٽي آءِ اڳواڻ چيو ته سندس اڳوڻي وزير اعظم يوسف رضا گيلاني سان احترام وارو رشتو آهي، پ پ ڇڏي ٻين جماعتن ۾ شامل ٿيندڙ اڳواڻن بابت هو ڪجهه نه چئي سگهي……………

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*