سنڌ اسيمبلي جي اجلاس دوران ڪراچي ۾ ٽيڪنيڪل انسٽيٽيوٽ جي قيام واري بل ۽ 2 رٿون رد ٿيڻ تي متحده ميمبرن جو سخت احتجاج

sindh-assimbly-MQM

سنڌ اسيمبلي جي اجلاس دوران ڪراچي ۾ ٽيڪنيڪل انسٽيٽيوٽ جي قيام واري بل ۽ 2 رٿون رد ٿيڻ  تي متحده ميمبرز سخت احتجاج ڪيو، سنڌ اسيمبلي جي اسپيڪر آغا سراج دراني چيو  ته آدمشماري بابت ان ڪئميرا بريفنگ لاءِ سينسز ڪمشنر کي لاءِ خط لکڻ سان گڏ بار بار رابطو ڪيو ويو پر ڪا به مثبت موٽ نه ڏني وئي.

     سنڌ اسيمبلي جو اجلاس اسپيڪر آغا سراج دراني جي صدارت هيٺ ٿيو، جنهن دوران تعليم ۽ پارلياماني معاملن واري وزير نثار کهڙي ڪراچي ۾ ٽيڪنيڪل انسٽيٽيوٽ جي قيام وارو بل پيش ڪيو، جنهن تي متحده ميمبرز سخت احتجاج ڪندي اسپيڪر جي ڊائيس آڏو نعريبازي ڪئي.

متحده ميمبرز گو شهلا گو ۽ نو ڪرپشن نو جا نعرا هنيا. جنهن کانپوءِ ڊپٽي اسپيڪر اجلاس سڀاڻي 3 وڳي تائين ملتوي ڪري ڇڏيو.

     ان کان اڳ پارلياماني معاملن واري وزير نثار کهڙي پورهيتن جي معاوضي وارو بل پيش ڪيو، جنهن جي اڪثريتي راءِ سان منظوري ڏني وئي.

     اڄوڪي اجلاس دوران متحده قومي موومينٽ جي سيد محمد حسين اسڪيمن لاءِ فنڊز رليز نه ڪرڻ بابت استحقاق واري رٿ پيش ڪئي، جڏهن ته خواجا اظهار ايجوڪيشن کاتي ۾ هڪ هزار 80 هيڊماستر ڀرتي ڪرڻ لاءِ قانوني گهرجون پوريون نه ڪرڻ بابت التوا واري رٿ پيش ڪئي، جيڪي ٻئي رد ڪيون ويون.

     اجلاس دوران متحده قومي موومينٽ جي خواجا اظهار ۽ شهلا رضا وچ ۾ دلچسپ جملن جي ڏي وٺ ٿي.

خواجا اظهار پاران ڊپٽي اسپيڪر کي رولز جي ڄاڻ نه هئڻ واري جملي تي ڊپٽي اسپيڪر کيس چيو ته جيڪڏهن اوهان مون کي پڙهايو ته مان توهان وٽ اچڻ لاءِ تيار آهيان.

خواجا اظهار چيو ته هو دشمن جي ٻارن کي به تعليم ڏين ۽ ڊپٽي اسپيڪر کي تعليم ڏيڻ لاءِ محمد حسين تيار آهي، جنهن تي ڊپٽي اسپيڪر خواجا اظهار سان مخاطب ٿيندي چيو ته جيڪڏهن توهان پاڻ ڪجهه پڙهو ها ته بهتر ٿئي ها.

 اجلاس دوران اسپيڪر آغا سراج دراني چيو ته آدمشماري بابت ان ڪئمرا بريفنگ لاءِ سينسز ڪمشنر کي خط لکڻ سان گڏ اسيمبلي سيڪريٽري ان سان بار بار رابطو ڪيو پر افسوس جو ڪو به جواب نه مليو.

     سنڌ اسيمبلي جي اسپيڪر چيو ته هو آخري ڀيرو سينسز ڪمشنر کي خط لکندا جيڪڏهن جواب نه مليو ته اسيمبلي رولز تحت ڪارروائي ڪئي ويندي.

اجلاس دوران مخالف ڌر جي خواجا اظهار چيو ته  سنڌ هائوس اسلام آباد ۾ ڪمرا سنڌ جي ايم پي ايز بدران خانگي ماڻهن کي مسواڙ تي ڏنا وڃن ٿا.

 هن چيو ته سنڌ هائوس تي هڪ ڪاموري جو قبضو آهي، جنهن سنڌ هائوس کي ڪرپشن جو ڳڙهه بڻائي ڇڏيو آهي.

     اجلاس دوران خواجا اظهار سنڌ هائوس اسلام آباد تي قبضي جا تفصيل به ايوان ۾ پيش ڪيا.

     اجلاس دوران ايم ڪيو ايم جي ڪامران اختر سنڌ پوليس ۾ هڪ سئو 55 عملدارن ۽ اهلڪارن جي غيرقانوني ڀرتي بابت ڌيان ڇڪايو نوٽيس تي چيو ته اهڙين ڀرتين ۾ ملوث اڳوڻي گهرو وزير خلاف ڪارروائي نه ڪئي وئي آهي.

تعليم واري وزير نثار کهڙي چيو ته پوليس کاتي ۾ ڪيل اهڙيون ڀرتيون رد ڪيون ويون آهن.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*