ڪراچي جي ڊفينس واري علائقي ۾ موٽرسائيڪل سوار هٿياربند اڳوڻي آءِ جي فياض لغاري جي گن مين ثاقب کان پسٽل ڦري ويا

faiaz-leghari-IG

ڪراچي ۾ اسٽريٽ ڪرائيم جون وارداتون وڌي ويون آهن، هاڻ پوليس عملدارن جي محافظن کان به ڦرلٽ جو سلسلو شروع ڪيو ويو آهي.

ڪراچي جي ڊفينس واري علائقي ۾ موٽرسائيڪل سوار هٿياربند اڳوڻي آءِ جي فياض لغاري جي گن مين ثاقب کان پسٽل ڦري ويا، جنهن جو ڪيس گزري ٿاڻي تي داخل ڪيو ويو آهي.

نيو ڪراچي واري علائقي ۾ هٿياربند ايف آءِ اي جي ڊائريڪٽر شاهد حيات جي ڊرائيور ايازالدين کان اي ٽي ايم مشين مان پئسا ڪڍرائڻ دوران کيس يرغمال بڻائي 5 هزار رپيا روڪ ۽ نائن ايم ايم پسٽل ڦر ڪري فرار ٿي ويا.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*