سنڌ جي ناليواري سريلي راڳي صادق فقير جي اڄ پهري ورسي ملهائي پئي وڃي

sadiq faqeer

سنڌ جي ناليواري سريلي راڳي صادق فقير جي اڄ پهري ورسي ملهائي پئي وڃي، مٺي ۾ رٿيل تقريب ۾ شاعر، اديب ۽ فنڪار کيس ڀيٽا پيش ڪندا.

صادق فقير جي پهرين ورسي جي موقعي تي اڄ شام 5 وڳي مٺي ۾ سندس مزار تي گلن جي چادر چاڙهي فاتح خواني ڪئي ويندي.

صادق فقير کي ڀيٽا پيش ڪرڻ لاءِ مٺي جيم خانه گرائونڊ تي ورسي تقريب ٿي رهي آهي، جنهن ۾ شرڪت لاءِ شاعرن ۽ اديبن توڙي سڄاڻ ڌرين کي دعوت ڏني وئي آهي.

سنڌ جا ناليوارا فنڪار سرن جي ورکا ڪري صادق فقير کي ڀيٽا پيش ڪندا.

صادق فقير گذريل سال سعودي عرب ۾هڪ روڊ حادثي۾ لاڏاڻو ڪري ويو هو، جنهن جي مڙهه کي مٺي آڻي مٽيءَ ماءُ حوالي ڪيو ويو هو.

صادق فقير ريڊيو پاڪستان ۽ مختلف ٽي وي چئلنز تي فن جو مظاهرو ڪري تمام گهڻي مڃتا ماڻي، جنهن ڪري سندس گيت اڄ به عوام جي دلين تي راڄ ڪري رهيا آهن………………..

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*