مٺي سول اسپتال ۾ وڌيڪ 2 ٻارڙا فوت ٿي ويا آهن، 57 ڏينهن ۾ فوتي ٻارڙن جو انگ وڌي 234 ٿي ويو

Thar-Children-14-1

ٿر ۾ ٻارڙن جي فوت ٿيڻ جو سلسلو  جاري آهي، مٺي سول اسپتال ۾ وڌيڪ 2 ٻارڙا فوت ٿي ويا آهن، 57 ڏينهن ۾ فوتي ٻارڙن جو انگ وڌي 234 ٿي ويو آهي.

مٺي سول اسپتال ۾ ڏيپلي جي ڳوٺ ڳالهائو جي رهواسي منظور جو 3 ورهين جو ٻارڙو ۽ مٺي ڀرسان ڳوٺ چونپڻي جي رهواسي قيمت راءِ جو هڪ ڏينهن جو پٽ فوت ٿي ويو.

مٺي سول اسپتال ۾ وڌيڪ 2 ٻارڙا فوت ٿيڻ بعد 57 ڏينهن ۾ فوتي ٻارڙن جو انگ وڌي 234 ٿي ويو آهي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*