وزيراعظم نوازشريف گرين لائن بس منصوبي جي افتتاح لاءِ ڪراچي پهچي ويو

karachi-pm-nawaz

وزيراعظم نوازشريف گرين لائن بس منصوبي جي افتتاح لاءِ ڪراچي پهچي ويو آهي. وزيراعظم انوڀائي پارڪ ۾ گرين لائن بس سروس  جو پيڙهه پٿر رکندو.

     وزيراعظم نوازشريف خصوصي اڏام ذريعي پي اي ايف بيس فيصل پهتو، جتي سنڌ جي وڏي وزير سيد قائم علي شاهه ، گورنر ڊاڪٽر عشرت العباد ۽  ٻين اڳواڻن سندس آجيان ڪئي.

     وزيراعظم نوازشريف انو ڀائي پارڪ ۾ گرين لائن بس سروس منصوبي جو  پيڙهه پٿر رکندو.

 گرين لائن بس منصوبو 18.4 ڪلوميٽرز تي مشتمل آهي، جنهن تي 16 ارب رپيا لاڳت ايندي جيڪا وفاق ادا ڪندي.

 هڪ سال ۾ مڪمل ٿيندڙ گرين لائن بس منصوبو 22 اسٽاپن تي مشتمل هوندو  ۽ ان جو روٽ  سرجاني ٽائون کان ايم اي جناح روڊ تائين هوندو.

     ايئرڪنڊيشنڊ گرين لائن بس سروس ۾ 3 لک شهري روزانو سفر ڪري سگهندا.  جڏهن ته هر بس ۾ مردن ۽ عورتن لاءِ 34 سيٽون هونديون.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*