محرابپور ۾ صفائي عملي پاران پگهارون نه ملڻ ڪم ڇڏ هڙتال کانپوءِ شهر گندگي جي ور چڙهي ويو

mehrabpurprotest

محرابپور ۾ صفائي عملي پاران پگهارون نه ملڻ ڪم ڇڏ هڙتال کانپوءِ شهر گندگي جي ور چڙهي ويو، جنهن خلاف شهرين سمورا ڪاروباري مرڪز بند ڪري احتجاجي مظاهرو ڪيو آهي.

ٽي ايم اي جي صفائي عملي جي گذريل ڪيترن ئي مهينن کان پگهارون جاري نه ٿيڻ خلاف ڪم ڇڏ هڙتال جاري آهي، جنهن سبب شهر جي روڊ رستن تي ڪچري جي ڍير لڳي ويا آهن.

 گندگي خلاف شهرين ۽ واپارين سمورا ڪاروباري مرڪز بند ڪري بدر سومرو، حنيف ڪنبوهه، ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ ريلي ڪڍي شهيد بنيظير چوڪ تي ڌرڻو هڻي احتجاج ڪيو.

احتجاج ڪندڙن چيو ته ٽي ايم اي جي صفائي عملي پگهارون نه ملڻ خلاف ڪم بند ڪري ڇڏيو آهي، جنهن ڪري شهر جا گٽر اٿلي پيا آهن ۽ پاڻي روڊن ۽ گهٽين ۾داخل ٿي ويو آهي.

هنن مطالبو ڪيو ته ٽي ايم اي ملازمن کي پگهارون جاري ڪري شهر اندر صفائي جي نظام کي بهتر ڪيو وڃي، ٻي صورت ۾ احتجاج جو دائرو وڌايو ويندو……………….

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*